اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اس??ائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ٻن هفتن کان بهادري سان اس??ائيلي قابض فوج جي بنا اشتعال بمباري ۽ گولاباري کي مسلسل منهن ڏنو. وزيراعظم جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ ملهايل فلسطين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ پاڪستان موثر انداز ۾ هڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو، دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي ۽ فلسطينن جي حالت تي حقيقي جذبن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ان ڪوششن جا گهربل نتيجا حماس ۽ اس??ائيل جي وچ ۾ سيز فائز جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي فلسطين جي عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ان جي دوست ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اس??ائيلي فوج جي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل واضح هو جيڪو فوري طور تي عالمي برادري تي پهتو، جنهن ۾ زور ڏنو ويو ته فلسطينن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، سعودي فرمانروا ۽ فلسطين ۽ ترڪي جي صدرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به فلسطين جي صورتحال تي سعودي عرب، مصر، فلسطين، ترڪي، افغانستان، چين، آمريڪا ۽ ??وڊ??ن جي پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فلسطين جو معاملو پيش ڪيو جنهن ۾ اس??ائيل جي وحشياڻن حملن ۽ منظوم ڏوهن جي مذمت لاءِ سخت بيان جاري ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اس??ائيلي بربريت جي خ??اف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ فلسطينن جي ڪاز ۽ ان جي عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته معصوم فلسطينن تي اس??ائيلي جارحيت ۽ خاص طور تي رمضان دوران دنيا ۾ مسلمانن جي مقدس مقام مسجد الاقصيٰ جو گهيراءُ انتهائي مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته اس??ائيل پاران فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اهڙا حملا انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خ??اف آهن.