اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن م??حلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ??ا اڳوڻا ميمبر حنيف ??باسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي پهرين م??حلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي ??وور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون م??حلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي ??ي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ??ي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي ??وور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي ??وور تعمير ٿيندا.