اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي ??ي پي) پا??ستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، هر طرف پا??ي آهي، اين ڊي ايم اي ??ِن صورتحال ۾ به گُم آهي، وزير چوي ٿو هُنن پ??ج ڪلوميٽرن تائين گئس فراهم ڪئي آهي، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ناهي، وزير پا?? هلي ڏسي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڃان تائين پا??ي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، هِن چيو ته مُون برسات جي تباهين کي اکين سان وڃي ڏٺو آهي، گولاڙچي، بدين، ڪڍڻ، ??نڊ??باگو سميت سامونڊي پٽي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، سم نالن کي وڏا گهارا پيا آهن جن جي ڪري هر طرف پا??ي آهي ۽ ماڻهُوءَ وڏي پريشاني ۾ ورتل آهن، پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي پر اين ڊي ايم اي ??ارا الائي ڪٿي گُم آهن، سارين جي فصل سميت ٻين فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي، هِن چيو ته بدين به پا??ستان جو حصو آهي ۽ ضل??ي جي مسئلن جي حل لاءِ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هِن وڌيڪ چيو ته وزير چوي ٿو هُنن پ??ج ڪلوميٽرن تائين گئس فراهم ڪئي آهي، بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته تيل ۽ گئس سڀ کان پهرين بدين مان نڪتو، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ناهي، وزير هلي ۽ مُون سان گڏ هلي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڏسي هلي پ??ج ڪلوميٽرن تي ڪٿي گئس مليل آهي، هِن چيو ته وزير پنهنجي واعدي کي پُورو ڪندي منهنجي تڪ جي ڳوٺن کي گئس فراهم ڪري.