اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جنا?? ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت ??اري وزير سيد محمد اتابڪ سڀ کان پهرين جنا?? ڪنوينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آج??ان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولو وچ??نڪ??، ڪرغزستان جي ڪابينا جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئ?? شنڪر جي آج??ان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.