اسلام آباد – 24 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏ??ل قومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏ??ل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏ??ل قومن جي چارٽر جو منصفا??ي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ گڏ??ل قومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏ??ل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي نظام جي وڏي چئلينجن جي نشاندهي ڪن ٿيون، گڏ??ل قومن جي چارٽر جو منصفا??ي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته گڏ??ل قومن جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏ??ل قومن جي بنيادي دستاويز جي شقن کي نظرانداز ڪيو ويندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چيو ته هو گڏ??ل قومن جي هن ڏينهن تي گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏ??ل قومن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمورن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن جا حق ڏياري سگهجن.