واشنگٽن _24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيان تي قدم کنيا ويا آهن . جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي . انهن سڌا??ن جو مقصد معاشي ا??تحڪام ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ هو. جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ ان??ظا??ي تبديليون متعارف ڪرايون ويون . انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ڪيو . هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌا??ن جو ذڪر ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌا??ن جو ذڪر پڻ ڪيو . جنهن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ، خرچن ۾ گهٽتائي ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ا??ا??ن جي حڪمراني ۾ بهتري آڻڻ ، ڪاروبار لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي ا??تحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي ا??اگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس جي ڊي پي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ پڻ بهتري لاءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ا??ا??ن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ا??ارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻايو وڃي.