ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ??يئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽيمن تي حملن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپر اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملو کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته شهيد اهلڪار قوم جا هيرو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي ۽ مهم جي ??اميابي کي يقيني بڻائي، پوليو فري پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب ??و، ??سا?? ان خواب کي حقيقت بڻائڻ ل??ءِ پرعزم آهيون.