اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪس??ان ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ??يل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پروگرام سي ڊي ريپ تحت فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪس??ان کي ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ م??سم??اتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه بندي، تياري ۽ جواب ڏيڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تحت قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شموليتي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪس??ان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ۽ اولهندي ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن جي بنياد تي ??ڻا??و ويو آهي جنهن جو مقصد پاڪس??ان ۾ م??سم??اتي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.