اسلام آبا?? R11; 13 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي ??ورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ صدر آپريشن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??ورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن امان خراب ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين، پوري قوم بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي ??ورسز جي خدمتن کي ساراهي ٿي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.