لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شه??دن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شهيد?? جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيد?? جي نالن سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسي?? جي مطالبي سان اتف??ق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شه??دن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوب?? جي وڏن وزيرن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وط?? جي شه??دن ۽ـ انه?? جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديء?? خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديء?? خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شهيد?? جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شه??دن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيد?? جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپ??ءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توها?? جي محنت ۽ رانديگر?? جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.