اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قو??ي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم ??ائوس اس??ام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قو??ي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.