پي ٽي آءِ احتجاج بابت عدالتي فيصلي تي پوري قوت سان عمل ڪرائينداسين: خواجه آصف

image

اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بشريٰ بي بي جي الزامن کي پاڪ سعودي عرب لاڳاپن تي ڪاري ضرب قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي ور چاڙهڻ افسوسناڪ آهي، ڪالهه لاڳاپا خراب ڪرڻ جي نهايت مڪروه ۽ غليظ قسم جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ماڻهو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي رهي آهي، جيڪڏهن هو شريعت آهي ته الله ئي حافظ آهي اسان جو، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ سنجيده ناهي، عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ جو بار بار اسلام آباد تي حملي جي معمول جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، پي ٽي آءِ باني سان سڌي ريت ڪو به رابطو يا ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آهي، جنرل باجوده کي گهرجي ته هو پاڻ انهن الزامن جي ترديد ڪري. هو ڪالهه پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه آصف چيو ته سعودي عرب سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اتي 28 لک پاڪستاني روزگار ڪمائي رهيا آهن، بشريٰ بي بي جا الزام شرمناڪ آهن، سياست بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳائڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، بشريٰ بي بي تڪراري بيان سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڏنو. پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالپڻي جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، اهو سمورو جهيڙو سياسي پارٽي جي وارثي لاءِ ٿي رهيو آهي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت جي ويڙهه ۾ 3 عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻي طرف آهي، آزادي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو پشاور وڃڻ، ان مان ظاهر لڳي ٿو ته سياسي وارث هو بڻجي رهي آهي. ملڪي سياست ۾ ڏيوالپڻو ڏٺو ويو آهي پر اهڙي ڏيوالپڻو نه ڏٺو جهڙي سياسي وراثت جي دعويٰ بشريٰ بي بي ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ معتبر صحافي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جو بيان اچي چڪو آهي، الزامن جي سنجيدگي کي ڏسندي قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ اچي ان جي ترديد ڪرڻ گهرجي، ان جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ خلاف بيان ڏنو آهي، اتان واچ وٺي انهن ڪاروبار ڪيو، ايپڪس ڪميٽي ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته توشاخانه مان سڀني تحفا ورتا، منهنجي ليڊر ورتو به ڇا ٿيو، فرق اهو آهي ته هن تحفو ورتو، ان کي وڪرو ڪيو، معمولي رقم جمع ڪرائي ۽ باقي رقم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ان خلاف الزام اهو آهي. خواجه آصف چيو ته هي ڀٽو ۽ نواز شريف جي خاندان کي گاريون ڏين ٿا ته خانداني سياست ٿي رهي آهي، هتي خانداني سياست کانسواءِ ڏوهٽن ۾ ويڙهه ٿي رهي آهي، هي خانداني سياست جي انتها آهي. هن چيو ته جهڙي طرح هن پنهنجي مشهوري شروع ڪئي آهي ان جو اوهان کي ايندڙ ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته اهو اٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور روزاني اسلام آباد ۽ پنجاب تي حملي آور ٿي رهيو آهي، 24 نومبر تي ان جو اسلام آباد تي ٽيون حملو ٿيندو، خيبرپختونخوا دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪي به قدم نه کنيا ويا. اهي ماڻهو ملڪي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪن ٿا، ڪاش اهي ڪو حملو دهشتگردي تي به ڪن. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت نٿي چاهي ته پي ٽي آءِ جو باني آزاد ٿئي، پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيو ته پارٽي اڳواڻن جو دڪان نه هلندو. بچاءُ واري وزير چيو ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته سعودي عرب کان واچ وٺي هن ڪاروبار ڪيو، علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي ليڊر تحفو ورتو ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟ علي امين گنڊاپور کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻي ته بشريٰ بي بي جي آڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي دڙڪا ڏئي رهي آهي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. دفاع واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج بابت عدالتي فيصلي کي پوري قوت سان لاڳو ڪنداسين.هن چيو ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي آهي، وڏي وزير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ وڃي ٿو، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف هن وقت ڇا ڪيو آهي؟.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس