اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خ??بر ضلعي جي علائقي باغ ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن ت?? سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پذيرائي ڪند?? چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خارجي سرغنه سم??ت چار خاجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ ٽن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.