برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي ??هر برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عالمي اتحاد جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي ??هر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عالمي اتحاد جي ??روعات گذريل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ ??ام?? آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي ??ل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ ??ود??ختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي ??رحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏ??گڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو.