اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر سطح تي بدعنو??ني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، مضبوط ۽ جوابدار معاشري جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 9 ڊسمبر تي ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي معاشرن کي درپيش بدعنو??ني جو مقابلو ڪرڻ جي عالمي ڪ??ششن جي ياد ڏياري ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”بدعنو??ني خلاف نوجوانن سان متحد ٿيڻ ۽ سڀاڻ جي سالميت جي جوڙجڪ“ بجا طور تي ان اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو اسان جا نوجوان بدعنو??ني خلاف جنگ ۾ ادا ڪري سگهن ٿا. اسان جي نوجوان نسل هڪ اهڙي مستقبل جو حقدار آهي جيڪو ڪرپشن کان ??اڪ هجي. پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي ان وچن جي تجديد ڪري ٿو ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، جامع ۽ جوابده معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنو??ني هڪ اهڙو مڪروه عنصر آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ معاشري جي سماجي حيثيت کي تباهه ڪري ٿو، هي قومن کي انهن جي صلاحيتن کان محروم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي منصفاڻي حڪمر??ني ۽ برابري جي موقعن جي فائدن کان لطف اندوز ٿيڻ کان روڪي ٿو، هي عوامي خدمتن جي فراهمي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ترقي جي لاءِ دسياب وسيلا صحيح طور تي استعمال نٿا ٿين ان ڪري معاشري ۾ اڻبرابري پيدا ٿئي جيڪا عام شهرين جي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، هي بدعنو??ني حڪومتن ۽ ان جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو هڪ وڏو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت هر سطح تي بدعنو??ني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙا دارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن ته جيڪي ماڻهو طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عوام جي محنت ??ان ڪمايل آمدني کي لٽين ٿا انهن کي پنهنجي اعمالن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسان پنهنجي ادارن جي محنت کي ساراهيون ۽ معاشري ??ان بدعنو??ني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي ان اهم ڪم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن خلاف جنگ کٽي نٿي سگهي، ان لاءِ هر شهري، هر اداري جي اجتماعي ڪ??ششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته بدعنو??ني کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ميڊيا جو فعال ڪردار آهي، هي ڏينهن انصاف ۽ ديانت تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن کان فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿو. شفاف ۽ جوابدار معاشري جي تعمير اسان ??ان هر فرد جي ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??ان سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو بدعنو??ني کان ??اڪ مستقبل لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته اسان گڏجي بيهون، هڪ اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي پنهنجي عزم ۾ متحد ٿي وڃون جتي عوامي وسيلن کي اسان جي ماڻهن کي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اچو هڪ اهڙي مستقبل لاءِ گڏجي ڪ?? ڪريون جتي قانون جي حڪمر??ني هجي ۽ جتي احتساب سڀني لاءِ بنياد آهي.