اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ شرپسندن کي نه ڇڏيو ويندو، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي اندر شام جون حالتون مڪمل تبديل ٿي ويون. پاڪستان ان صورتحال ۾ غيرجانبدار رهيو. شام ۾ هن وقت 250 زائرين ۽ 300 ٻيا پاڪستاني موجود آهن. ان کانسواءِ ڪيترائي پاڪستاني خاندان سالن کان اتي آباد آهن. شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان نائب ??زي??اعظم ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفير متح??ڪ ڪردار ادا ڪيو. گذريل ڏينهن منهنجي شام ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان ملاقات به ٿي. انهن ماڻهن کي رست?? ذريعي لبنان ۽ رفيق حريري ايئرپورٽ کان چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس آڻي سگهجي ٿو. ڪالهه لبنان جي ??زي??اعظم سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي. رياض ۾ سعودي ولي عهد جي دعوت تي جڏهن آئون ويس ته منهنجي لبنان جي ??زي??اعظم سان ملاقات پڻ ٿي هئي. هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جا ٿورا پڻ ادا ??يا هئا. لبنان جي ??زي??اعظم بيروت ج?? ذريعي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. هن لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. ??زي??اعظم هفتيوار مهانگائي (ايس پي آءِ) جو انڊيڪس گهٽ ٿي 3.7 سيڪڙو تي اچڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ امن امان لازمي آهي. ??زي??اعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه آذربائيجان جي سفير سان پڻ ملاقات ٿي، فيبروري ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندس ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان معاهدا ٿيندا. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن سان معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. ان جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. امن امان جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اجلاس ٿيو جنهن ۾ مون هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي جي ناپاڪ ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي جيڪا سازش پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي ان ۾ جيڪو به ملوث آهي ثبوتن سان ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ ڪنهن بيگناهه کي هٿ تائين نه لڳايو ويندو. ??زي??اعظم مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي جيڪي ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ڪري حلال رزق ڪمائين ٿا ۽ پنهنجي رقم وطن موڪلين ٿا. ??زي??اعظم سول نافرماني جي ڪال کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ان کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. ??زي??اعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان معاشي صورتحال ۾ بهتري سان پنهنجو مقام ضرور حاصل ڪندو.