اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) ص??ر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف آپريشنز دو??ان 7 خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پ??ري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي، دهشتگردي جي لعنت جي م??مل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ص??ر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين دو??ان 7 خوارج مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ص??ر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. ص??ر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي م??مل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.