اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي ا??سوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، گهرو وزير واقعي جي ا??ڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي ا??سوس جو اظهار ڪندي ا?? سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي جان هلي ويندي آهي ۽ هر سال ڪيترائي گهر اجڙي ويندا آهن، انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاري ا??هن کان پيسا وٺي ٿو. وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي ??اقعي جي ا??ڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃ?? ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃ?? ته جيئن هو اهڙي گٿي فعل کي ??ه ورجائن، اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کن??ا وڃ??.