راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع وا??ي سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ وا??ي شعبي (آءِ ايس پي آر) مو??ب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون درخواستون داخل ڪيون هيون، 48 درخواستن کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪ??رٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏهارين جي درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون مو??ب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رحم وا??ين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون مو??ب ڪيو ويندو. ڏوهارين کي باضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين مو??ب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. وا??ح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون مو??ب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.