ڪراچي-10 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي ??عي??ت کي اهڙا بنياد فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان ايندڙ 5 سالن دوران پا??ستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو. 2018ع ۾ هڪ سازش تحت ملڪي ??عي??ت جي ان سفر کي روڪيو ويو هو. موجوده حڪومت جي ڪوشش سان مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي آهي ۽ـ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ??اج?? مظفر شجره جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه ۽ صوبائي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ اڄ مقابلو ??ائنس، ٽيڪنالاجي، پيداوايت ۽ وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته گارگند ڪرڻ هڪٻئي سان وڙهندڙ قومون تمام پوئتي رهجي وينديون. وفاقي وزير چيو ته اسان وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم محمد شهباز شريف اُڏام پا??ستان پروگرام جو اعلان ڪيو آهي جيڪو پا??ستان کي پائيدار ترقي ڏيارڻ جو منصوبو آهي جنهن تحت پا??ستان جي هر علائقي جي ترقيءَ لاءِ منصوبا شروع ڪنداسين ۽ جيڪي شعبا پا??ستاني حڪومتن وٽ آهن انهن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پا??ستان جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪنداسين. احسن اقبال چيو ته اڄ دنيا ۾ هڪٻئي جي ??عي??ت جو مقابلو ??هي ته ڪهڙي ملڪ جي ??عي??ت مضبوط آهي پر جنهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان ملڪ ۾ سيڙپڪار ڪيئن ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 1991ع ۾ پا??يءَ جي ورڇ جو تاريخي معاهدو ڪيو هو جنهن تحت سڀني صوبن کي پا??ي طئي ٿيل حصي تحت ملي رهيو آهي.