اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سي??ريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سي??ريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سي??ريٽري جنرل وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير ??ان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين ??ان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سي??ريٽري جنرل نوزير?? 24 ??ان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سي??ريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سي??ريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزي??ن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.