اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته مديني جي رياست جو تصور مان پوري طرح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسلسل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان قو?? جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پري ناهي ۽ تمام جلد ان جا م??بت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ انسانيت حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي يوم والادت جي مو??عي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهينو مبارڪ اسان سڀني جي لاءِ رحمت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي مو??عي تي قو?? جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آهي جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي رحمت ۽ همدردي جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيين جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائين جي نظام ۽ انسانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيين جي سڄي زندگي جهد مسلسل، انسانيت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخري جي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظا?? جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 سئو سال پهرين پنهنجي زندگي جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنهن جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.