اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات ??ي لاءِ نظام الاوقات ??وڙڻ جي حوالي سان واپار واري وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گ??ان??س جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.