اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نيشنل ڊائيلاگ لاءِ پارليامينٽ کي موزون ترين پليٽ فارم قرار ڏيندي ??يو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر پارٽين جي ذميوار ۽ سنجيده قيادت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڳالهين ۾ اتفاق راءِ ٿي ويندو، اليڪٽوريل ريفار??ز سميت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نو??ز ته پارليامينٽ جو حصو ئي نه آهن اهي ته هونئن به ٻاهر سمجهو، شيراني، حافظ حسين احمد ۽ ٻين مولانا فضل الرحمان کي سليڪٽيڊ چيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون، اهي پنهنجي پارٽي اندر رهندي تشخص کي اڀاري ر??يا آهن. هو وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ر??يو هو.