اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن تي عملدرآمد کان آگاهه ڪ??و ويو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪ??و ويو ت?? انهن هدايتن تي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ??جحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ت?? بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ ??جحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو ت??اسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو ت??اسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ سميت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.