اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آه?? ته مديني جي رياست ق??نون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن ملڪن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آه??، اميد آه?? ته مسلمان ملڪ مديني جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ??رچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وز??راعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي ??يغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، وز??راعظم چيو ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آه?? ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آه?? جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آه??، وز??راعظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست ق??ئم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست بزرگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.