اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اس??ن ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اس??ن وڏي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخالف اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون ??ي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪنامڪ زون ??ي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي پراڻي ڳالهه آهي، اس??ن کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون ??ون ??مينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون ??نعتون لڳنديون ??نهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اس??ن روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گله وڪرو ڪري اس??ن ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اڪنامڪ زون ٺاهيا اس??ن کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪنامڪ زون ??ي قيام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون ??نعتون هاڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيون ??هن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اس??ن چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اس??ن ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.