اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پا??يدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني ??ورتحال ??ي ڌيان ڏنو ويو. وزيرا??ظم عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيرا??ظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پا??يدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزيرا??ظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ??رورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني ??ڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني ??نخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحران کي روڪي سگهبو. وزيرا??ظم افغان عوام کي انتهائي ضروري انساني ??مداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيرا??ظم ان حوالي سان پاڪستان پا??ان گڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي سان آگاهه ڪندي پاڪستان پا??ان انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.