اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي ??زارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،
ملاقات دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي ملڪن ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ??و جيڪو ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پرويز اقبال لوسر پرڏيهي ??زير کي پاڪ اي يو فرينڊشپ فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان مفيد بريفنگ ڏني، پرڏيهي ??زير يورپي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ پ??ڪستان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي خدمتن کي ساراهيو. منهنجي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي ??عاملن جي سربراهه جوزف بوريل سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن سان مفيد ملاقاتون ٿيون،
مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون يورپي يونين جي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن کي افغانستان جي موجوده صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. يورپي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن جي خدمتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض ??وج جي جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر پيش ڪيا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيدري لاءِ پ??عزم آهي، پاڪستان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر پرڏيهي ??زير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان موقعي تي يورپي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو.