اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسيحي برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، م??جو??ه حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته هي ڏينهن حضرت ع??سي?? عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي ??في ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن جي ??اءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏي??دي چيو ته دنيا ۾ امن جي ??اءِ ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪ??دي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ??سيحي برادري کي ڪرسمس جي ??بارڪباد ڏني. هن چيو ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پيغام آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي ??ي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي ان??ن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي با??جو?? پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائي??دي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چيو ته ڪرسمس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت ع??سي?? جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته م??جو??ه حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ وزيراعظم عمران خان جي ??يزن موجب قدم کڻي رهي آهي، م??جو??ه حڪومت ڪرتارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.