اسلام آباد – پهرين ف??بر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف جا ڊاڪٽرز لنڊن ۾ موجود آهن ۽ هاڻي ميڊيڪل رپورٽ آمريڪا جي ڊاڪٽر ??ان لکرائي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته ان رپورٽ کانپوءِ (ن) ليگ جي انهن سمورن اڳواڻن جا ب??ان ڪوڙ ٿي ويا جيڪي چئي رهيا هئا م??ان صاح?? واپس اچي رهيو آهي جڏهن ته رپورٽ اهو ب??ان ڪ??ي رهي آهي ته نواز شريف کي جيل وڃڻ ??ان ڊپ لڳي ٿو.