اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي و??ير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ عمران خان جي ذهني ڏيوالپڻي جي نشاني آهي، هو جمهوري ادارن ذريعي عوامي جذبا پيش ڪرڻ بدران انهن جي خلاف سازشن ۾ مصروف رهي ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي و??ير چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارت جي جنگي جنون جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي ل??ءِ چونڊيل ميمبرن ??ان راءِ ۽ تجويزون وٺڻ جي ل??ءِ گهرايو ويو آهي، عمران خان جي رويي مان خب?? پوي ٿي ته هو قومي معاملن جي اهميت کي سمجهڻ ??ان محروم آهي.