آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آستانه ۾ ش??گهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پڄاڻي کانپوءِ ورڪنگ دوري تي ڪرغزستا?? جي شهر بشڪيڪ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب بشڪيڪ ۾ نائب وزيراعظم پاڪستاني شهرين سان ملاقات ڪندو جن ۾ پاڪستاني شاگرد به ش??مل آه?? جيڪي ڪرغزستان ۾ تازي اڳڀرائي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيڻ جي ڪري علاج هيٺ آهن. نائب وزيراعظم ڪرغزستا?? جي پرڏيهي وزير سان پاڪستاني شاگرد?? جي خدشن بشمول پاڪستان ۾ عارضي قيام دوران انه?? جي تعليم جاري رکڻ بابت مس??لن تي ڳالهه ڪندو.