اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??رونا وائرس سان اسرندڙ ملڪن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ترقي يافته ملڪ پ??ڪس??ان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪ?? خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پ??ڪس??ان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان سان حڪومت طرفان خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيڻ، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو خدشو آهي.