اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعميراتي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ص??رت??ال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي ??ين جي ??ڪانن کي کولڻ جي ??جازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميراتي صنعت کي جز??ي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي ??ڪانن سميت تعميراتي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي ??ڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.