اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منع??د ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چ??ئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چ??ف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چ??ف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر مح??ود عباسي، چ??ف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل ??يض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.