اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي تر?? حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي ??وق?? تي تر??ي جو ٿورو ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تر??ي جي دوري جي موقعي تي انقره ۾ تر?? پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تر??ي جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ تر?? پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گرمجوشي سان مهمانوازي تي پنهنجي تر?? هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام هڪ ٻي جي لاءِ رکندي آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڄڻ لاءِ مفيد طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ تر??ي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير پنهنجي ويجهي پاڙيسري ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ تر??ي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان جي باري ۾ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي بحران ۾ تر??ي جي تعميري ڪردار ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ تر?? پرڏيهي وزير جي ذاتي ڪوششن کي به ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تر??ي جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي. هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي اها ٻي ملاقات هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ تر??ي جي پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو گذريل رات آجياڻو به ڏنو.