حافظ آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ حافظ آباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڏسي خوشي ??ي، ڪورونا جي دوران حافظ آباد ضلعي ۾ احساس پروگرام تحت 66 ڪروڙ رپيا ضرورتمن??ن ۾ ورهايا ويا، ان کانسواءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو ويو آهي، جيڪا علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم حافظ آباد ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي ??ان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن ??ان ملاقات دوران ??يو جن وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي.