اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن، ڪيوبا مان پڙهي ايندڙ ڊاڪٽر ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪيوبا جي نائب صدر رابرٽو موراليز اوڊيجا سان ملاقات ۾ ڪيو جنهن سا??س هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي.