گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيرو??گا?? گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن?? کاڌو ختم ٿيڻ تي ??ين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪن??ڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آ??و آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪن??ي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آ??ي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آ??ي.