اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون و??ند??ون، ڪراچي جهاز حاد??ي جي شفاف جاچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ت??ين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي و??ند??، پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو و??ند??، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، شفاف جاچ ذ??يع?? ذميوارن جو تعين ڪيو و??ند??. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏ??ند?? هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي حاد??ي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذ??يع?? سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.