اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پو??تي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سه??لت جي فراهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوال?? سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ تع??يم واري وزير تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوال?? سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، تع??يم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او ??ون??ورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.