ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 ??گس?? کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ??شمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 ??گس?? تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال اڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪي?? هو. هن چيو ته 5 ??گس?? تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجه??ي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪي?? آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجه??ي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪي??ن وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجه??ي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.