اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي م??اع??تي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عار?? حبيب ڪري رهيو هو. وزي??اع??م ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري مع??شي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مع??شي سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عار?? حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزي??اع??م کي بريف ڪيو. عار?? حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران م??اع??تي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي ??سا?? بڻائڻ جي حوالي سان وزي??اع??م جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي م??اع??ن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.