اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا جي 545 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلا??ن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلا??ن دوران 31 هزار 808 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ ??زا?? ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صح??ياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، ??زا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 102 ڪ??رونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.