اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 144 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ??ائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار م??ڪ جي قيام لاءِ سندس ڪردار کي ڀرپور ??راج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب هن چيو ته اسان ??اڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، هو اقليتن جي حقن جو سڀ کان ??ڏو حامي هو ۽ انهن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت ڏني هئي.