اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ ان??اف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته ملڪ جي غريب عوام کي ريليف ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، حماد اظهر وزيراعظم جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندو، ناڻي واري وزير جو قلمدان حماد اظهر کي ڏنو ويو آهي، ڪابينا ۾ تبديلين جي حوالي سان سڀاڻي تائين فيصلو ٿي ويندو، ان کانپوءِ جيڪي به تبديليون ڪيون وينديون اهي عوام آڏو آنديون وينديون، مون کي ڪهڙي وزارت ڏني ويندي ان جي اڃا مون کي خبر نه آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو.