راولپنڊي – 17 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ملڪ جي چوڻ تي نه پر سڄ?? ملڪ ۾ فساد ۽ فتني ج?? ڪري پاڪستان حڪومت پاڻ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاق سان گڏ سمورين صوبائي حڪومتن، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائ?? ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رياست جي رٽ کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي، راڻا ثناءُ الله الطاف حسين ۽ انتهاپسند پارٽي جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، آفيسرن ۽ ادارن جي خلاف اهڙي زبان استعمال ڪرڻ تي راڻا ثناءُ الله جي خلاف دهشتگردي ۽ ٻين شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان به ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان جي نظام ۾ ايترو وقت لڳي وڃي ٿو جو انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي، هاڻي سياست، چونڊ مهم آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ئ?? ڪري سگهبي. هو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال راولپنڊي ۾ ڪالعدم پارٽي ٽي ايل پي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ پوليس جوانن جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.