اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??پٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپ?? کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، ا??م علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپ?? کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ?? اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي ??يمبرز آف ڪامرس ۾ رابط?? کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ?? عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني?? کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، ا??ت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ا?? موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته عراق پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپ?? کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته عراق موجوده لاڳاپ?? کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.