لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اليڪشن ڪميشن پهرين مرحلي ۾ وڏين سياسي پارٽين جي فنڊنگ جا معاملا عوام آڏو رکي، (ن) ليگ ۽ پ??پل??پارٽي وٽ فنڊنگ جو ڪو رڪارڊ موجود نه آه??، (ن) ليگ جو 2013ع ۽ 2015ع تائين جڏهن ته پ??پل??پارٽي جو 2009ع کان 2012ع تائين فنڊنگ جو رڪارڊ ئي دستياب نه آه??، نواز شريف 2013ع ۾ 10 ڪروڙ رپيا (ن) ليگ کي عطيو ڪيا، ان رقم مان 4 ڪروڙ 50 لک رپيا (ن) ليگ نواز شريف کي واپس موڪلي ڇڏيا، بنيادي طور تي (ن) ليگ جي اڪائونٽ کي ڪارو ڌن سفيد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ٽي ايل پي ۽ جي يو آءِ جي فنڊنگ جي حوالي سان پڻ اعتراض موجود آه??، پ??پل??پارٽي جو اليڪشن وڙهڻ تي پري جي ڳالهه آه?? پنجاب ۾ ان جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ به ڪير تيار نه آه??، وزيراعظم گوادر ۾ ريلي جي عوامي مطالبن جو نوٽيس ورتو آه??، وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مس??لن جو حل ترجيحي بنيادن تي چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم گوادر ۾ ريلي جي عوامي مطالبن جو نوٽيس ورتو آه??، وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مس??لن جو حل ترجيحي بنيادن تي چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم بلوچستان جي لاءِ 700 ارب رپين جو تاريخي پئڪيج ڏنو، ايران جي سرحد تي واپاري صورتحال جهڙا مسئلا به درپيش آه??، افغانستان جي صورتحال کانپوءِ اسان سمورين سرحدن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي جنهن جي ڪري مقامي ضرورتن جي حوالي سان پڻ مسئلا پيدا ٿيا، اسان کي انهن مس??لن جو احساس آه??. هن چيو ته بدقس??تي سان ماضي جي حڪومتن گوادر جي بندرگاهه تي ڳالهه ته ڪئي پر بنيادي مس??لن تي ڪو ڌيان نه ڏنو، پاڻي ۽ بجلي جهڙن منصوبن ۾ دير ٿي ۽ اتي احساس محرومي پيدا ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم بلوچستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سان مس??لن تي ڳالهه ڪئي آه??، انشاءَ الله مسئلا جلد حل ڪيا ويندا. هن چيو ته گوادر ۾ اڪثر مقامي ماڻهن جا مسئلا آه??، غيرقانوني فشنگ جي معاملي جو پڻ سختي سان نوٽيس ورتو آه??، انهن معاملن کي هڪ پاليسي تحت اڳتي کڻي هلنداسين. اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ جي ڪيسز ۾ اڳڀرائي اهڙي طرح نه ٿي رهي آه?? جهڙي طرح ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي فنڊنگ جا معاملا اوپن ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي ان وقت فروغ ملندو جڏهن سياسي پارٽين جو پنهنجو اسٽرڪچر هوندو ۽ انهن جي فنڊنگ جو نظام اوپن هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيتريون ئي شدت پسند پارٽيون به اليڪشن ڪميشن سان رجسٽرڊ آه?? جن جي فنڊنگ جا ذريعا موجود ئي نه آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽنهي وڏين سياسي پارٽين جا آڊٽ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن وٽ موجود آه??، انهن کي عوام جي سامهون پيش ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته (ن) ليگ جي نالي تي ايف سيون ٿري ۾ موجود گهر جي قيمت ٻه ڪروڙ 70 لک رپيا ٻڌائي وئي آه??، ايف سيون ٿري ۾ گهرن جي قيمت کان جيڪي ماڻهو آگاهه آه?? انهن کي خبر آه?? ته ان قيمت ۾ فٽ پاٿ به نه ملي. ان گهر جي قيمت جي حوالي سان به ڪو ثبوت موجود نه آه?? ته اها رقم ڪٿان آئي. هن چيو ته 2013ع ۾ (ن) ليگ جي اڪائونٽ ۾ 14 ڪروڙ 50 لک ۽ 8 ڪروڙ 67 لک رپين جي رقم آئي، انهن رقمن جي به خبر نه آه?? ته نواز شريف کي اهي ڪنهن موڪليون. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان پارٽي ۾ جيڪو نظام قائم ڪيو ان ۾ اوورسيز پاڪستانين اسان کي رقم موڪلي، ان ۾ اهڙي رقم به شامل آه?? جيڪا هڪ ڊالر کان 10 ڊالر جي وچ ۾ آه??. (ن) ليگ وٽ پنهنجي ڊونر جو رڪارڊ موجود نه آه??، (ن) ليگ وٽ اسلام آباد ۾ 20 – ايڇ گهٽيءَ نمبر 10 ايف ايٽ ٿري ۾ پنهنجي آفيس بابت به رڪارڊ موجود نه آه?? ته ان آفيس جو ڪرايو ڪير ادا ڪري رهيو آه??. ان آفيس بابت (ن) ليگ اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو آه?? ته اها آفيس انهن جي آه?? پر ڪيئن هلي رهي آه?? ان جي ڪا خبر نه آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ (ن) ليگ جو 2013ع کان 2015ع تائين ڪو آڊٽ رڪارڊ موجود نه آه??، 2011ع کان پوڻا ٻه ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ رقم (ن) ليگ جي اڪائونٽ ۾ موجود آه??، خبر نه آه?? اها رقم ڪنهن جمع ڪرائي. هن چيو ته نواز شريف 2013ع ۾ 10 ڪروڙ رپيا (ن) ليگ کي عطيو ڪيا، ان رقم مان 4 ڪروڙ 50 لک رپيا (ن) ليگ نواز شريف کي واپس موڪلي ڇڏيا، بنيادي طور تي (ن) ليگ جي اڪائونٽ کي ڪارو ڌن سفيد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته لنڊن ۾ قائم هڪ ڪمپني (ن) ليگ جي لاءِ پئسو جمع ڪري رهي آه?? ان جو به حساب ڪتاب موجود نه آه??. هن چيو ته پ??پل??پارٽي جو 2009ع کان 2012ع تائين فنڊنگ جو رڪارڊ ئي دستياب نه آه??، 2013ع ۾ هڪ سورس اڪائونٽ اوپن ڪيو ۽ ان ۾ 42 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا پر اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌايو ويو ته اهو پئسو ڪٿان آيو. هن چيو ته پ??پل??پارٽي جي اڪائونٽ ۾ مئي 2013ع، 2014ع ۽ 2015ع ۾ ترتيبوار 25 لک، 36 لک ۽ 35 لک جي رقم آئي جن جو ڪو رڪارڊ نه آه?? ته ڪٿان آئي آه??. 2013ع جي اليڪشن ۾ پ??پل??پارٽي 23 ڪروڙ رپين جا خرچ ظاهر ڪيا پر ان فنڊ جو سورس دستياب نه آه??. هن چيو ته پي پي پي ۽ پي پي پي پي (چار پي) جا معاملا تمام دلچسپ آه??. پي پي پي پي آمريڪا ۾ هڪ ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي، ان ڪمپني جي ذريعي ان وقت جي پاڪستاني سفير حسين حقاني پ??پل??پارٽي جي لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ شروع ڪيا، ان ڪمپني لکين رپين جا فنڊ گڏ ڪيا پر ان جو ڪو سورس رڪارڊ موجود نه آه??. هن چيو ته ٽي ايل پي ۽ جي يو آءِ جي فنڊنگ بابت به اعتراض موجود آه??، ٽي ايل پي جي فنڊنگ جو ته ڪو پتو ئي نه آه?? ته ڪٿان کان آئي ۽ ڪٿان وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پ??پل??پارٽي، (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊنگ جي معاملن کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٻين پارٽين جي فنڊنگ جا معاملا به اوپن ڪري ته جيئن ماڻهو ڀيٽ ڪري سگهن ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آه??. هن چيو ته پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام تي پنجاب حڪومت مبارڪباد جي مستحق آه??، پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ بااختيار حڪومت هوندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي غيرت فريال ٽالپر جي پرس کڻڻ تي نه ٿي جاڳي، هر ڳالهه تي ڌمڪي ڏيڻ اهي پنهنجو فرض سمجهن ٿا، مراد علي شاهه جو رويو غيرمناسب آه??، سنڌ حڪومت جيڪو نظام ڏنو آه?? اهو واضح طور تي آرٽيڪل 140 اي جي خلاف ورزي آه??. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اختيار ۽ وسيلا هيٺئين سطح تي منتقل ٿيندا، 18 هين ترميم کانپوءِ خيال هو ته اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا صوبن کي ويندا ۽ صوبن کان ضلعي هيڊڪوارٽرز کي منتقل ٿيندا پر صوبن ڪڏهن اهي پئسا نه ڏنا، شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي بلدياتي حڪومتن جو نظام ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هاڻي پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ضلعن ۾ ميئر جي سڌوسنئون اليڪشن ٿيندي، ميئر پنهنجي ڪابينا نامزد ڪندو، هاڻي اين ايف سي جو پئسو صوبن ۾ اچي ضلعن وٽ ويندو، هي اهو نظام آه?? جنهن جو وزيراعظم عمران خان واعدو ڪيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پارٽي جي اندر مخالفتن جي باوجود پنهنجو واعدو پورو ڪيو آه??، ضلعي جو ميئر سڌوسنئون چونڊجندو، هڪ تمام وڏي انتظامي ۽ سياسي تبديلي ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جهڙي قسم جي اي وي ايم مشين چاهي ٿي ان جو ٽينڊر ڪري ڇڏي، دنيا ۾ اي وي ايم مينوفيڪچرر پنهنجون مشينون کڻي ايندا، اليڪشن ڪميشن کي سنجيدگي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آه??، اليڪشن ڪميشن جون ٽيڪنيڪل ڪميٽيون مثبت اڳڀرائي آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلسل ٽئين هفتي مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آه??، خطي ۾ تيل جون قيمتون سڀ کان سستيون آه??، ڪڻڪ ۽ دالين جا اگهه به خطي ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان گهٽ آه??، رڳو چانهه جي پتيءَ جي قيمت هتي وڌيڪ آه??. هن چيو ته آبادگارن کي هن سال 400 ارب رپيا اضافي آمدني ٿي، ماڻهن جي قوت خريد ۾ اضافو ٿيو آه??، وچولي طبقي جي صحت جا خرچ حڪومت کڻي ڇڏيا آه??، ميڊيا ماڻهن کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪري. هن چيو ته بنگلاديش، سريلنڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ هتي قيمتون گهٽ آه?? ۽ قوت خريد وڌيڪ آه??. هن چيو ته قانون جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پارليامينٽ حتمي فيصلو ڪندي آه??، تشريح جو معاملو هجي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي هوندو آه??، جيستائين قانون موجود آه?? ان وقت تائين راءِ تي نه ٿو هلي سگهجي. اي پي ايس سانحي جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون ويون آه??. اي پي ايس سانحي ۾ ملوث ڏوهارين حضرت علي، عبدالسلام، سبيل ۽ مجي کي 2 ڊسمبر 2015ع تي ڦاهي ٿي، ڏوهاري رضوان کي 24 مئي 2017ع تي ڦاهي ٿي، ڏوهاري عتيق جي نظرثاني جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آه??. هن چيو ته اسان جو موقف واضح آه?? ته جيڪو پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مڃي هلندو اسان ان سان گڏ هلنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ??پل??پارٽي کي آصف زرداري وڏي محنت سان تباهه ڪيو آه??، بينظير ڀٽو کي چئني صوبن جي زنجير چيو ويندو هو، آصف علي زرداري ڀٽو جي سياسي فلسفي کي تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پ??پل??پارٽي جو اليڪشن وڙهڻ ته پري جي ڳالهه آه?? پنجاب ۾ انهن جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ به ڪير تيار نه آه??، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني پ??پل??پارٽي جي ٽڪيٽ کانسواءِ اليڪشن وڙهي ته ان کي وڌيڪ ووٽ ملندا. هن چيو ته حڪومت ڪيسن سان ناهي ويندي حڪومت ووٽن سان ويندي ۽ ايندي آه??، مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ سمورين پارٽين کي موقعو ملندو، جنهن ۾ جيترو دم آه?? اهو اچي ڏيکاري. هن چيو ته پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن پارٽي وٽ چونڊن ۾ اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ اميدوار ئي پورا نه آه??، عمران خان جو پوري ملڪ ۾ ووٽ بئنڪ آه??، عمران خان جو ڪردار بي مثال آه??. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ان ڳالهه تي سڀ متفق آه?? ته پاڪستان ۾ اليڪشن جو نظام صحيح نه آه??، جڏهن اسان سڌارن جو پئڪيج آندو ته مخالف ڌر ان تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آه??، عمران خان واحد ليڊر آه?? جيڪو ڪرڪيٽ جي اندر نيوٽرل امپائر آندو، عمران خان چونڊ عمل کي شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ چاهي ٿو.